سچل سرمست اور ان ڪي اردو شاعري

سچل سرمست اور ان ڪي اردو شاعري

سچل سرمست اور ان ڪي اردو شاعري

سچل سرمست اور ان ڪي اردو شاعري (ڪتاب): اردوءَ ۾ ڇپيل هن ڪتاب جو مصنف نامور ليکڪ پروفيسر موهن لعل پريمي آهي. هن ڪتاب جو موضوع حضرت سچل سرمست جي حيات، فن ۽ فڪر جي اپٽار آهي. ڪتاب جو پيش لفظ پروفيسر فتح محمد ملڪ لکيو آهي. ان کانپوءِ ڪتاب جو مقدمو آهي، جيڪو مصنف جو لکيل آهي، جنهن ۾ ڪتاب جو مقصد، سچل سرمست جو احوال ۽ حوالي طور ڪم آندل ڪتابن جو ذڪر آهي. ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾: ’سچل سرمست ڪي سوانح حيات‘ جا ٻه باب آهن: (1) ’خانداني پسمنظر، مشاهير و مسند نشين’، (2) ’سوانحي خاڪا‘، (3) سچل سرمست ڪي دور ڪي تاريخي، سياسي، مذهبي حالات اور علمي، ادبي ماحول. حصو ٻيو: حضرت سچل سرمست جي اردو شاعريءَ جي مختصر جائزي تي ٽن بابن تي مشتمل آهي. (1) تصانيف ايڪ تعارف، (2) سچل سـرمـست ڪي عـهـد مين سـنڌ ڪـي اردو شـاعـري ڪـا مختصر جـائـزه، (3) سچل سرمست ڪي اردو شاعري ڪا تحقيقي اور تنقيدي جائزه. ڪتاب جي آخر ۾ ضميمو، اختتامي نتيجو ۽ حاصل مطلب جائزو، حوالا، حاشيا ۽ ڪتابيات جي فهرست ڏنل آهي. ڪتاب ۾ سچل سرمست جي طالبن جو به تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 170 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب رنگين ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان مقتدره قومي زبان 2004ع ۾ شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 105 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو